شاهه نصيرالدين قريشي

شاهه نصيرالدين قريشي: نامور بزرگ شاهه نصير الدين قريشي اسلام جي تبليغ لاءِ سنڌ ۾ آيو ۽ ضلعي سجاول جي ڳوٺ منهاجن ڀرسان هڪ باغ جي زمين تي رهائش اختيار ڪيائين. جيڪا زمين منهاجن قبيلي وارن جي هئي. روايت آهي ته هيءُ بزرگ غوث بهاءُ الدين ذڪريا ملتان واري جو پوٽو هو. جيڪو 200 سال اڳ هتي آباد ٿيو. شاهه نصيرالدين ڳوٺ جي ٻارن کي ديني تعليم ڏيندو هو. اٽڪل 40 سال اتي درس ڏنائين جتي سندس وفات ٿي. هن بزرگ جي مزار مٿان مقبرو ڳوٺ جي چڱي مڙس ڇُٽي اڏرايو. هر سال هن بزرگ تي ميلو ٿيندو آهي. هن بزرگ جي درگاهه دڙي شهر کان 3 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي درياهه جي ڪنڌيءَ تي قائم آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو